ڪراچي:(سومر 30 جون 2025ع)سنڌ جي گهرو کاتي وفاقي حڪومت کي خط موڪليو آهي ته عاشور تي سنڌ ۾ موبائل فون سروس معطل ڪئي وڃي.
سنڌ جي گهرو کاتي پاران موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته جلوسن جي رستن تي موبائل انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وڃي ۽ گهرو وزارت کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ۽ موجوده ضابطن جي مطابق آگاهي ڏيڻ گهرجي.
ياد رهي ته ملڪ ۾ 9 محرم الحرام ڇنڇر 5 جولاءِ تي ملهايو ويندو ۽ عاشور جو ڏينهن آچر 6 جولاءِ تي ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ ملڪ بھر ۾ جلوس ۽ اجتماع منعقد ڪيا ويندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language