
تل ابیب:(سومر 30 جون 2025ع)آمريڪي صدر جي بيان کان پوءِ، اسرائيلي عدالت نتنياهو جي ڪرپشن جي ڪيس کي ملتوي ڪري ڇڏيو.
بين الاقوامي ميڊيا جي رپورٽن موجب، يروشلم ضلعي عدالت نتنياهو کي 2 هفتن لاءِ حاضري کان ڇوٽ ڏني.
عدالت چيو ته ٻڌڻي سفارتي ۽ قومي سلامتي جي مسئلن جي ڪري ملتوي ڪئي وئي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مطالبو ڪيو هو ته نتنياهو خلاف ڪيس ختم ڪيو وڃي، ۽ اسرائيلي عدالت جو فيصلو صدر ٽرمپ جي بيان کان ڪجهه ڪلاڪن بعد آيو.
ٽرمپ چيو هو ته آمريڪي امداد تي فيصلو پڻ هن ڪيس تي منحصر ٿي سگهي ٿو. ٽرمپ نتنياهو خلاف ڪيس کي سياسي انتقام قرار ڏنو.
عدالت 2 ڏينهن اڳ نتنياهو جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو. نتنياهو تي 3 ڪيسن ۾ رشوت، فراڊ ۽ اعتماد جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيل ۾ نتنياهو سان جيڪو ڪجهه ڪيو پيو وڃي اهو خوفناڪ آهي، کيس وڃڻ ڏيو، هو عظيم ڪم ڪري سگهي ٿو.
ٽرمپ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم يرغمالين جي بازيابي لاءِ حماس سان ڊيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن دعويٰ ڪئي ته نيتن ياهو آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪندي ايران جي ايٽمي پروگرام خلاف به وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.
ڊونلڊ ٽرمپ چوي ٿو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسرائيلي وزيراعظم سڄو ڏينهن عدالت ۾ گذاري، ۽ اهو به ڪنهن اهڙي شيءِ تي جيڪو موجود ئي ناهي.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته نيتن ياهو کي اهڙي طرح انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي جيئن هو پاڻ آمريڪا ۾ گذريو آهي، اسرائيلي وزيراعظم خلاف اهڙي قانوني ڪارروائي ايران ۽ حماس سان ڊيل کي روڪيندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language