welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

رستم ویجھو عامل ڳوٺ ۾ وڻ وڍڻ تي فائرنگ ھڪ ڄڻو مارجي ويو

رستم :(خميس 12 جون 2025ع)شڪارپور جي اندروني علائقي رستم کان پر ڀرو عامل ڳوٺ ۾ وڻ ڪٽڻ تي سوٽن جي وچ ۾ جهيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ واجد مهر زخمي ٿي پيو، ۽ کيس علاج لاءِ سکر منتقل ڪيو ويو، پر هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو، ۽ لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي وئي. ٻئي طرف چڪ شھر ۾ ڏوھارين جي موجودگيءَ تي افراتفري ڦھليل تفصيل موجب ڪالھ سشام کان چڪ شھر جيڪو قبائلي تڪرارن جي ور چڙھي ويو آھي جتي اڳ به وارداتون ٿي چڪيون آھن اتي نامعلوم مشڪوڪ شخص جي چرپر جي ٻولن تي شھرين ۾ افراتفري ڦھلجي وئي چوطرف ھوائي فائرنگ جا ڌوڙيا ٿي ويا افواھن جي بازار گرم ٿي وئي شھري ھٿيار بندن ھڪ گھر جو محاصرو پڻ ڪيو پر پوليس پھچڻ تي ماصرو ٿيل گھر جي تلاشي ورتي وئي جتان ڪجھ نه نڪتو

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے