welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي حملي ۾ زخمي ٿيندڙ ايراني پاسداران انقلاب ڪور جو ميجر جنرل علي شادماني شهيد ٿي ويو

تھران:(خميس 26 جون 2025ع)ايران جي خاتم الانبياء سينٽرل هيڊ ڪوارٽر جو سربراهه ميجر جنرل علي شادماني زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. ايراني نيوز ايجنسي موجب، ميجر جنرل علي شادماني گذريل هفتي اسرائيلي حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کان پوءِ هو علاج هيٺ هو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسرائيلي حملي ۾ غلام علي راشد جي شهادت کان پوءِ ميجر جنرل علي شادماني کي خاتم الانبياء سينٽرل هيڊ ڪوارٽر جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. گذريل هفتي، اسرائيلي فوج ميجر جنرل علي شادماني کي شهيد ڪرڻ جو دعويٰ ڪيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے