welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي وئي

لنڊن:(اڱارو 24 جون 2025ع)ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جي اعلان کان پوءِ عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جي اعلان کان پوءِ عالمي منڊي ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت تقريبن 9 سيڪڙو گهٽجي وئي، جنهن کان پوءِ برينٽ خام تيل جي قيمت 70 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ موجب، عالمي منڊي ۾ WTI خام تيل جي قيمت 7.22 سيڪڙو گهٽجي 68.51 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪيو هو. ايران پاڪستان جي وقت مطابق صبح 9 وڳي کان جنگ بندي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسرائيل پنهنجي هوائي حدون به کوليون آهن. ان کان علاوه، آمريڪي صدر ٽرمپ ڌرين کي جنگ بندي جي خلاف ورزي نه ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے