ڪولڪتا:(اڱارو 03 جون 2025ع)هندستاني فوج ڪولڪتا جي تاريخي روڊ تي عيد الاضحيٰ جي نماز جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
هندستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب، فوج پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوجي مقصدن لاءِ جاءِ جي ضرورت آهي، تنهن ڪري هن سال ڪولڪتا جي ريڊ روڊ تي عيد الاضحيٰ جي نماز نه پڙهي ويندي.
هندستان ۾ هر سال، مسلمانن جي اجتماع جي منتظم، ڪلڪتا خلافت ڪميٽي، شهر جي ريڊ روڊ تي عيد الفطر ۽ عيد الاضحيٰ جي نماز جو انتظام ڪندي آهي. هن سال به ڪميٽي عيد الاضحيٰ جي نماز لاءِ هندستاني فوج کان اجازت گهري هئي.
جڏهن ته، هاڻي هندستاني وزير جاويد احمد خان چيو آهي ته فوجي اختيارين کان هڪ خط مليو آهي جنهن ۾ فوج ڪلڪتي جي ريڊ روڊ تي عيد الاضحيٰ جي نماز جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.
فوجي اختيارين ڪلڪتي پوليس ۽ ڪلڪتي خلافت ڪميٽي، سالياني مسلمان اجتماع جي منتظمين کي به پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيو آهي.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪلڪتي جي تاريخي ريڊ روڊ تي عيد الفطر ۽ عيد الاضحيٰ جي نماز جي انتظام جي روايت صديون پراڻي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language