نئين دھلي:(آچر 08 جون 2025ع)متروڪ وقف ملڪيت بورڊ جي ترجمان موجب، ڀارت گرو ارجن ديو جي شهادت جي ڏينهن جي رسمن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سک ياترين کي پاڪستان اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
ترجمان چيو ته سک ياترين کي گرو ارجن ديو جي شهادت جي ڏينهن جي رسمن لاءِ 9 جون تي پاڪستان اچڻو هو.
ترجمان چيو ته هندستاني سک ياترين جي غير موجودگي ۾، واگها بارڊر تي علامتي استقبال ڪيو ويندو. ياترين جي علامتي استقبال لاءِ واگها بارڊر تي هڪ استقباليه اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان سک گرودوارا پربندھڪ ڪميٽي واگها بارڊر تي ياترين جو انتظار ڪندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language