welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

دهشتگردي خلاف ترڪي پنهنجي دوست پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو: طيب اردگان

انقرہ:(سومر 30 جون 2025ع)ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ شهيدن جي خاندانن ۽ پاڪستان جي حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ترڪ ميڊيا موجب، صدر رجب طيب اردگان پاڪستان جي حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ترڪي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي ڊگهي عرصي جي دوست پاڪستان سان گڏ بيٺو رهندو. هن پاڪستاني ٻارن تي الله جي رحمت جي دعا ڪئي ۽ زخمين جي صحتيابي جي خواهش ظاهر ڪئي. ياد رهي ته ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان ڀارت سان ڇڪتاڻ ۾ به پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو. ياد رهي ته ڇنڇر ڏينهن خيبر پختونخواهه صوبي جي اتر وزيرستان ضلعي جي مير علي علائقي ۾ هندستان جي سرپرستي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 13 پاڪستاني فوجي شهيد ٿيا هئا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ 14 خوارج مارجي ويا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے