
ڪراچي:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)لياري جي نوجوان جي محبت ۾ تيونس مان آيل ڇوڪري طرفان آپگهات جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جڏهن ته گهرو وزارت کيس ايگزٽ پرمٽ جاري ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.
تيونس جي رهواسڻ 19 ورهين جي سندا اياري جي کهڊا مارڪيٽ لياري جي رهواسي محمد عامر سان سوشل ميڊيا تي دوستي ٿي ۽ محبت ۾ مبتلا ٻنهي شادي جو فيصلو ڪيو جنهن لاءِ سندا پاڪستاني ويزا حاصل ڪري 28 نومبر 2024 تي ڪراچي پهتي هئي. شادي کان پوءِ ٻنهي ڄڻن خوشي سان زندگي گذاري ڪجهه مهينا اڳ ئي ٻنهي ۾ معمولي ڳالهين تي رنجشون پيدا ٿيڻ شروع ٿيون جنهن کان پوءِ عامر کيس طلاق ڏئي ڇڏي آهي.
سندا جو پاڪستان جو 90 ڏينهن جو ويزا به 18 فيبروري تي مدي خارج ٿي چڪو آهي جنهن سبب هو واپس پنهنجي ملڪ وڃڻ لاءِ پريشان آهي. نجي چينل تي خبر نشر ٿيڻ کان پوءِ گهرو وزارت عورت کي فوري طور تي ايگزٽ پرمٽ جاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. گهرو وزارت جي ويزا اختيارين دستاويزت طلب ڪندي عورت کي ايگزٽ پرمٽ لاءِ آن لائن درخواست ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي آهي.
پوليس ٻڌايو ته پوليس وٽ پهچڻ کان اڳ ئي عورت آپگهات جي به ڪوشش ڪئي. وڊيو بيان ۾ عورت آپگهات جو سبب ٻڌائيندي چيو ته مان ٽڪيٽ وٺندس ۽ واپس هلي ويندس عامر نه ته مون تي ڌيان ڏئي ٿو نه ئي منهنجو خيال رکي ٿو. مون دريءَ مان انهي جي ڪا شيءَ ٻاهر اڇلي، اها شيءَ دري کان ٻاهر به نه وئي اتي ئي پيل رهي پر ان باوجود عامر مون تي ايتري ڪاوڙ ڪئي جو هن مون کي چماٽون هنيون، جڏهن جواب ۾ مون کيس چماٽ هنئي ته هن منهنجون ٻئي ٻانهون موڙي مون کي سخت تشدد جو نشانو بنايو.
عورت اهو به ٻڌايو ته عامر مون کي تمام گهڻو تشدد جو نشانو بنايو، عامر جي والد به مون کي مارڪٽ جو نشانو بنايو جڏهن مون عامر کي چيو ته پنهنجي والد کي چئو ته هتان واپس هليو وڃي جنهن تي عامر جي والد منهنجي منهن تي لتون هنيون انهي کان پوءِ عامر مون کي طلاق ڏئي ڇڏي، انهي کان پوءِ مون کي خبر ناهي ته ڇا ٿيو.
سندا وڌيڪ چيو ته مون دريءَ مان ٽپو ڏئي آپگهات جي به ڪوشش ڪئي اهو سڀ مون انهي لاءِ ڪيو ته مان پنهنجي هوش حواس ۾ نه هئس، عامر جي ماءُ ۽ ٻيا گهر ڀاتي سڀ جمع ٿي مون کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا رهيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language