
لاھور:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اپوزيشن جي 26 ميمبرن کي 15 اجلاسن جي لاءِ معطل ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي خلاف ريفرنس اماڻڻ جو به اعلان ڪيو آهي.
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر موجب اپوزيشن جي 26 ميمبرن جي خلاف هنگامو ڪرڻ، نعرا، ڌڪا ڏيڻ ۽ دستاويز ڦاڙڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي. انهي دوران رولنگ جي ڀڃڪڙي تي 26 ميمبرن کي 15 اجلاسن جي لاءِ معطل ڪيو ويو آهي.
معطل ٿيل ميمبرن ۾ ملڪ فهد مسعود، محمد تنوير اسلم، سيد رفعت محمود، ياسر محمود قريشي، ڪليم الله خان، محمد انصر اقبال، شاهد جاويد، محمد اسماعيل ۽ ٻيا شامل آهن.
ڇنڇر تي پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان پي ٽي آءِ جي 26 ميمبرن جي خلاف ريفرنس اماڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته انهن ميمبرن جي خلاف ريفرنس اڄ ئي اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيندس.
هن چيو ته ايوان جي حرمت ۽ نظم وضبط هر قيمت تي برقرار رکيو ويندو، احتجاج جو حق مڃيون ٿا پر انهي جي حد آئين، قانون ۽ ضابطن موجب آهي. سسٽم کي يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين. ايوان جي عزت رکڻ منهنجي ذميواري آهي. ڪوبه ميمبر رول کي نه مڃيندو ته انهي کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ منهنجي ذميواري آهي، اهو نٿو ٿي سگهي ته اوهان ڪتاب کڻي ميمبرن تي اڇلڻ شروع ٿي وڃون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language