welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايران ۾ مقصد پورا ٿيڻ تي مھم ختم ٿي ڪبي: اسرائيلي وزيراعظم

تل ابیب:(سومر 23 جون 2025ع)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته ايران ۾ مهم تڏهن ختم ٿيندي جڏهن اسان جا مقصد حاصل ڪيا ويندا. هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، اسرائيلي وزيراعظم چيو ته حملي دوران ايران جي فورڊو ايٽمي پلانٽ کي سخت نقصان پهتو. هن چيو ته اسرائيل ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ بيلسٽڪ ميزائلن کي تباهه ڪرڻ جي پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ويجهو آهي، ۽ ايران ۾ مهم تڏهن ختم ٿيندي جڏهن مقصد حاصل ڪيا ويندا. اهو ياد رکڻ گهرجي ته آچر جي صبح سوير آمريڪا ايران جي فورڊو، نطنز ۽ اصفهان ايٽمي سائيٽن کي نشانو بڻايو، جنهن بابت ٽرمپ سوشل ميڊيا سائيٽ ٽرٿ سوشل تي هڪ بيان جاري ڪيو. ٻئي طرف، ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملي کان اڳ ايٽمي سهولتون خالي ڪيون ويون هيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے