welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي ۾ يرغمالين جي خاندانن پاران غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو

تل ابیب:(اڱارو 24 جون 2025ع)ايران-اسرائيل جنگ بندي کان پوءِ، اسرائيلي يرغمالين جي خاندانن پڻ غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب، غزه ۾ اسرائيلي يرغمالين جي خاندانن نيتن ياهو حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ به جنگ بندي جو اعلان ڪري. يرغمالين جي خاندانن مطالبو ڪيو ته اسرائيلي حڪومت يرغمالين جي واپسي لاءِ قدم کڻي. جيڪو به ايران سان جنگ بندي ڪري سگهي ٿو اهو غزه ۾ جنگ به ختم ڪري سگهي ٿو. ياد رهي ته اڱاري جي صبح جو سوير آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪيو هو، جنهن جي تصديق صدر ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم پڻ ڪئي هئي. پاڪستان جي وقت موجب، ايران صبح 9 وڳي کان جنگ بندي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسرائيل پنهنجي هوائي حدون به کوليون آهن. ان کان علاوه، آمريڪي صدر ٽرمپ ڌرين کي جنگ بندي جي خلاف ورزي نه ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے