welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪي رياستن ۾ واچوڙن تباهي مچائي ڇڏي، 6 ڄڻا فوت

نيويارڪ:(اڱارو 24 جون 2025ع)آمريڪي رياستن ۾ طوفانن تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڇنڇر ڏينهن آمريڪي رياست نارٿ ڊيڪوٽا ۽ نيويارڪ سٽي ۾ ٻن واچوڙن تباهي مچائي ڇڏي ۽ زندگي کي درهم برهم ڪري ڇڏي. اتر ڊيڪوٽا جي ڳوٺاڻي علائقي ۾ طوفان ۾ 70 ۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ ٽي بزرگ فوت ٿي ويا، جڏهن ته نيويارڪ ۾ ٻه جڙيل ڀينرن سميت ٽي وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جي رپورٽ ملي آهي. رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته طوفان جي رفتار 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي، ان کان علاوه طوفان سبب وڻ اُڪري پيا، جڏهن ته ڪارون ۽ گهر پڻ نقصان پهتا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے