welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلوچستان پاڪستان جو حصو آهي ۽ ڪڏهن به الڳ نٿو ٿي سگهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي:(اڱارو 03 جون 2025ع)پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري واضح ڪيو آهي ته بلوچستان پاڪستان جو حصو آهي ۽ ڪڏهن به پاڪستان کان الڳ نه ٿو ٿي سگهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر احمد شريف چوڌري هلال ٽاڪ ۾ استادن سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملڪ جي مختلف حصن مان 1950 کان وڌيڪ سينئر فيڪلٽي ميمبرن هلال ٽاڪ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر احمد شريف چوڌري چيو ته بلوچستان پاڪستان جو حصو آهي ۽ ڪڏهن به پاڪستان کان الڳ نه ٿو ٿي سگهي. ڀارت ۽ هندستاني پراڪسيز سڄي خطي لاءِ خطرو آهن. هن چيو ته بلوچستان پاڪستان جي معيشت ۽ سماج ۾ شامل آهي ۽ بلوچستان پاڪستان جو امير ترين صوبو بڻجي ويندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بي ايل اي (فتنه الھندوستان) کي مڪمل طور تي ڀارت فنڊ ڪري ٿو. بي ايل اي جي قيادت ڀارت ۾ آهي. فتنه الخراج جو اڳواڻ چوي ٿو ته ڀارت کي اسان جي مدد ڪرڻ گهرجي. اهي ڀارت جا غلام آهن. ان کان علاوه، پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته فوج عوام سان گڏ آهي ۽ عوام فوج سان گڏ آهي، محبت جو هي ابدي رشتو هميشه قائم رهندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے