ڪراچي:(خميس 26 جون 2025ع)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آفيس کي تالا لڳائڻ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پرنسپل سيڪريٽري سميت ڪنهن به قائم مقام گورنر اويس قادر شاهه کي اجلاس کان نه روڪيو ۽ وڊيو ثبوت موجود آهن ته قائم مقام گورنر کي مڪمل پروٽوڪول ڏنو ويو.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانون موجب قائم مقام گورنر کي گورنر هائوس تائين رسائي نٿي ڏئي سگهجي، سنڌ هاءِ ڪورٽ اسان جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ درخواست رد ڪري ڇڏي.
سنڌ جي گورنر جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري چيو ته هي هڪ آئيني درخواست آهي ۽ ان جي ٻڌڻي اسلام آباد ۾ هڪ آئيني بينچ جي سامهون ٿيندي.
ياد رهي ته گذريل هفتي قائم مقام گورنر اويس شاهه ڪامران ٽيسوري تي پرڏيهي دوري دوران آفيس جون چاٻيون پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جو الزام لڳايو هو، جڏهن ته هن آفيس تائين رسائي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ اويس شاهه کي گورنر هائوس جي آفيس ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language