welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۽ اورماڙه ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا

ڪراچي:(آچر 08 جون 2025ع)ڪراچي جي علائقي ملير ۽ بلوچستان جي شهر اورماڙه ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. موسميات کاتي موجب ڪراچي جي شهر ملير جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 3.5 ۽ کوٽائي 9 ڪلوميٽر هئي. ٻئي طرف بلوچستان جي شهر اورماڙه ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي مرڪز موجب، آچر جي شام 5:14 تي اورماڙه ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 3.1 ۽ کوٽائي 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جي مرڪز موجب، زلزلي جو مرڪز اورماڙه کان 118 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ هو. مڪران جي ضلعي انتظاميا موجب، زلزلي سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے