اسلام آباد:(سومر 30 جون 2025ع)حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي جي ستايل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب ايندڙ 15 ڏينهن تائين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 15 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 11 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ رات ڪيو ويندو. ان حوالي سان اوگرا اڄ پيٽروليم وزارت کي هڪ سمري موڪليندو، جنهن کان پوءِ ناڻي وارو وزير وزيراعظم سان صلاح مشوري سان نئين قيمتن جو حتمي اعلان ڪندو.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language