welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قيدين لاءِ خاص معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي:(جمعو 06 جون 2025ع)سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قيدين لاءِ 120 ڏينهن جي خاص معافي جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي قيدين لاءِ 120 ڏينهن جي عام معافي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه قيدين لاءِ خاص معافي جو اعلان ڪيو آهي. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عام قيدين کي 120 ڏينهن جي خاص معافي ڏني ويندي، جڏهن ته قتل، دهشتگردي، ريپ، اغوا ۽ مالي بدعنواني ۾ ملوث قيدي عام معافي جا اهل نه هوندا. سنڌ جي وڏي وزير موجب، عام معافي صرف عام قيدين تي لاڳو ٿيندي، موت جي سزا يافته قيدي هن رليف ۾ شامل نه هوندا. ان کان علاوه، هي حڪم منشيات، پرڏيهي ڪارروائين، جاسوسي ۽ مالي بي ضابطگين جي سزا يافته قيدين تي لاڳو نه ٿيندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے