welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان جو سفارتي وفد برطانيه جي دوري کان پوءِ برسلز پهچي ويو

برسلز:(اربع 11 جون 2025ع)پاڪستان جو سفارتي وفد برطانيه جي دوري کان پوءِ بيلجيم جي گادي واري هنڌ برسلز پهچي ويو آهي. پاڪستاني سفارتي وفد يورپي يونين ۽ بيلجيم جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪندو ۽ يورپي عملدارن کي پاڪستان خلاف ڀارت جي جارحاڻي ڪارروائين بابت آگاهه ڪندو. سفارتي وفد ملاقاتن ۾ غلط معلومات تي ٻڌل ڀارتي مهم جو اثرائتو جواب ڏيندو. برسلز پهچڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفد جي ميمبر شيري رحمان چيو ته طاقت جو استعمال ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي ۽ ڀارت جو رويو غير ذميواراڻو آهي. اسان پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۽ ذميوارين کي چڱي طرح سمجهون ٿا. فيصل سبزواري چيو ته اسان جي موقف کي سڀني ملاقاتن ۾ قبول ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته اسان دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسان پنهنجي ٻارن ۽ سرحدن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان جو سفارتي وفد آمريڪا ۽ برطانيه جو دورو ڪري چڪو آهي جتي هن ٻنهي ملڪن جي سرڪاري عملدارن ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقات ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے