ڪراچي:(خميس 12 جون 2025ع)ڪراچي جي علائقي قائد آباد ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جا جهٽڪا صبح جو 1:44 تي آيا، جن جي شدت 2.6 ۽ گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي.
زلزلي جو مرڪز ملير جي ڏکڻ ۾ هو. زلزلي کان پوءِ علائقي جي رهواسين ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ اهي پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.
زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي في الحال ڪا به ڄاڻ ناهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language