نيويارڪ:(خميس 05 جون 2025ع)گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته غزه ۾ جنگ بندي جي قرارداد جي ويٽو هڪ تمام خطرناڪ پيغام ڏيندو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي عاصم افتخار چيو ته غزه ۾ صورتحال هن وقت سنگين آهي، جتي 54 هزار کان وڌيڪ فلسطيني قتل ٿي چڪا آهن.
پاڪستاني نمائندي چيو ته قرارداد جي ويٽو هڪ تمام خطرناڪ پيغام ڏيندو، سلامتي ڪائونسل جي جنگ بندي تي عمل درآمد ۾ ناڪامي کي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.
هن چيو ته اسرائيل غزه ۾ مسلسل بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو.
پنهنجي تقرير ۾ عاصم افتخار چيو ته غزه ۾ جنگ بندي لاءِ اڃا ڪيترو وقت گهرجي؟ غزه جي صورتحال زمين تي دوزخ کان به بدتر آهي.
هن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطينين جو قتل عام ڪيو ويو آهي، اسرائيل غزه ۾ جنگي ڏوهه ۽ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ کاڌي لاءِ شهري ماريا پيا وڃن، غزه ۾ قتل عام بند ٿيڻ گهرجي، عام ماڻهن کي به جيئڻ جو حق آهي، پاڪستان فلسطين جي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language