اسلام آباد:(آچر 01 جون 2025ع)حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.
وفاقي ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، هڪ رپيو واڌ کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 253.63 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ڊيزل جي قيمت 254.64 رپيا في ليٽر تي برقرار رکي وئي آهي.
پيٽروليم شين جون نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language