welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوئيٽا: بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ 4.15 ارب رپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف

ڪوئيٽا:(آچر 01 جون 2025ع)ڪوئيٽا جي بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ 4.15 ارب رپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب، پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽرن لاءِ اسڪالرشپ جي صورت ۾ 1.16 ارب رپين جي غير شفاف ادائيگي ڪئي وئي، ۽ 1.93 ارب رپين جون دوائون ليب ٽيسٽ کانسواءِ خريد ڪيون ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته آڊٽ ٽيم کي 382.2 ملين رپين جو رڪارڊ فراهم نه ڪيو ويو، ۽ بي ضابطگيون 2017-22 جي خاص آڊٽ رپورٽ ۾ ظاهر ٿيون. ذريعن موجب، رپورٽ وڌيڪ جاچ لاءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي حوالي ڪئي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے