welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

روس ۾ ٽرين تي پل ڪرڻ سبب ڊرائيور سميت 7 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

بريانسڪ:(آچر 01 جون 2025ع)روس جي بريانسڪ علائقي ۾ هڪ پل ٽرين تي ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ست ماڻهو مارجي ويا. ماسڪو ريلوي موجب، اهو واقعو هڪ ئي ٽريڪ تي پيش آيو، جنهن ۾ مسافر ٽرين نمبر 86 متاثر ٿيو، ٽرين ڪليموف کان ماسڪو وڃي رهي هئي. رپورٽ موجب، بريانسڪ ۾ پيش آيل حادثي ۾ ڊرائيور سميت ست ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. آفيسرن جو چوڻ آهي ته اهو واقعو ٽرانسپورٽ آپريشن دوران غير قانوني مداخلت سبب پيش آيو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون به خراب ٿيون. آفيسرن موجب، واقعي کان پوءِ بچاءُ جون ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته واقعي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے