ڪراچي:(آچر 08 جون 2025ع)ڪراچي جي لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ هڪ فيڪٽري ۾ صبح 5 وڳي کان لڳل باهه تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو آهي.
متاثر فيڪٽري جي عمارت جو هڪ حصو ڪري پيو جنهن جي ڪري پنج فائر فائٽر زخمي ٿيا ۽ انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان هڪ جي حالت نازڪ آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب، فيڪٽري ۾ ڪيميڪل ڊرم جي ڌماڪي سبب وقفي وقفي سان ڌماڪا پڻ ٿي رهيا آهن. فيڪٽري ۾ کاسمیٹڪس ۽ ڪپڙا رنگيل آهن.
فائر برگيڊ عملدارن موجب، 20 کان وڌيڪ فائر برگيڊ گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن، باهه جو سبب فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language