ڪراچي:(اڱارو 03 جون 2025ع)ڪراچي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 3 ڏينهن تائين زلزلي جا جهٽڪا رپورٽ ٿيا آهن.
ميڊيا موجب، زلزلي جي مرڪز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ 21 هون زلزلو رپورٽ ٿيو آهي ۽ پهريون ڀيرو شهر ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن زلزلي جي اطلاع ملي آهي.
زلزلي جي مرڪز موجب، اڄ صبح 11:51 تي زلزلي جو جهٽڪو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي شدت 2 هئي، جنهن جي کوٽائي 10 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ملير کان 23 ڪلوميٽر اوڀر ۾ هو.
ان حوالي سان چيف ميٽرولوجسٽ امير حيدر چيو ته اهي زلزلي جا جهٽڪا لانڍي فالٽ لائن ايڪٽيويشن مان اچي رهيا آهن، هي فالٽ لائن هاڻي معمول تي اچڻ جي عمل مان گذري رهي آهي، تنهن هوندي به، معمولي زلزلا هڪ ٻئي هفتي تائين اچي سگهن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language