welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

منڊي بهاءُ الدين: مدرسي ۾ زهريلو شربت پيئڻ سبب 3 شاگرد فوت ٿي ويا

منڊي بھاءُالدين:(آچر 29 جون 2025ع)ڪڌر ۾ هڪ مقامي مدرسي جا ٽي شاگرد مبينا طور تي زهريلو مشروب پيئڻ سبب فوت ٿي ويا. پوليس موجب، منڊي بهاءُ الدين جي هڪ مدرسي ۾ مبينا طور تي زهريلو مشروب پيئڻ سبب ٽي ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ شاگرد کي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوت ٿيل ٻارن ۾ 11 سالن جو شاهزيب، 13 سالن جو سفيان ۽ 14 سالن جو احسن شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته چئن ٻارن ويجهي دڪان تان پائوڊر وارو مشروب خريد ڪيو هو ۽ ان کي پيتو هو، جنهن کان پوءِ انهن جي صحت خراب ٿي وئي. ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے