حيدرآباد:(اڱارو 24 جون 2025ع)نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) حيدرآباد ۾ نادرا جي حساس ڊيٽا چوري ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.
آفيسرن موجب، جوابدار عبدالحڪيم ۽ محسن اقبال کي حيدرآباد جي هٽڙي بائي پاس تان گرفتار ڪيو ويو جتي ٻئي جوابدار اڄ ملڻ لاءِ آيا هئا.
جوابدارن تي نادرا جي حساس ڊيٽا تائين غير مجاز رسائي ۽ ڊيٽا آن لائن وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي. ٻن جوابدارن مان هڪ نادرا سان لاڳاپيل آهي.
اين سي سي آءِ اي اختيارين موجب، جوابدارن خلاف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ جي دفعات تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدارن جو ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پڻ عدالت مان حاصل ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language