welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سچل سرمست جو مقبرو زبون، ڇت جون سرون ڪري پيون، زائرين ۾ ڀاڄ، 2 ڄڻا زخمي

راڻي پور:(اڱارو 24 جون 2025ع)هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي مقبري جي ڇت جون سرون ڌماڪي سان ڪرڻ سبب زائرين ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته 2 زائرين نجف علي ميمڻ ۽ امتياز ڪلو زخمي ٿي پيا، روضي جي زبون حالي تي زائرين ۽ دڪاندارن احتجاج ڪندي ڳڻتي جو اظھار ڪيو، زائرين ۽ دڪاندارن نبي بخش ڀٽي، اظھر شيخ، نصير جوڻيجو، خان محمد اڄڻ ۽ ٻين چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان مقبرو زبون حال آھي، ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ شڪايتون ڪيون آھن پر ڪو به ان طرف ڌيان نٿو ڏئي، الله نه ڪري جو ڪو وڏو جاني نقصان ٿئي، درگاھه سچل سرمست جلد ٻيھر تعمير ڪيو وڃي، هنن چيو ته جيڪڏهن درگاھه جي بحاليءَ لاءِ بروقت قدم نه کنيا ويا ته اسان هڪ اهم ورثي کي وڃائي ويهنداسين، هنن چيو ته درگاهه جي حفاظت قومي ذميواري آهي، اوقاف ۽ آثار قديمه واري کاتي جي ذميواري آھي ته درگاھه جي انتظام، مرمت، مالي وسيلن ۽ عملدارن جي مقرري بھتر انداز ۾ ڪري.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے