دادو:(خميس 05 جون 2025ع)دادو جي گرلس ڪاليج جون 2 ، شاگردياڻيون مبينا طور اغوا ٿي ويون آهن. جن جي والدين پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي اهڙي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي، انٽر جون شاگردياڻيون غريب آباد پاڙي جي فضا ڌيء محمد رمضان راجپوت ۽ شهباز ڪالوني جي رهواسڻ فاطمه ڌيء غلام نبي ڪنڀر 3 ڏينهن اڳ پريڪٽيڪل ڏيڻ گرلس ڪاليج ويون ۽ واپس گهر نه پهتيون ، شاگردياڻين جا موبائيل نمبر به بند ملڻ تي ٻنهي شاگردياڻين جي والدين پاران 3 ڏينهن پنهنجي طرفان ڳولها ڪئي وئي ، سندن هٿ نه اچڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي نامعلوم ماڻهن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي آهي ، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور محمود پٺاڻ جو چوڻ آهي ته شاگردياڻيون پاڻ ۾ ڪلاس ميٽ آهن ، اغوا نه پر پنهنجي مرضي سان هم صلاح ٿي گڏ نڪتيون آهن ، ٻنهي شاگردياڻين هڪ ٻئي جي والدين کي حيدرآباد گهمڻ لاء وڃڻ جا ميسيج ڪيا آهن، ٻنهي شاگردياڻين جا نمبر ٽريسنگ تي لڳرايا آهن ، جلد شاگردياڻين کي هٿ ڪيو ويندو
0 تبصرے
Do not use vulgar language