٘
احمد آباد:(خميس 12 جون 2025ع)هندستاني شهر احمد آباد ۾ هڪ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو.
هندستاني ميڊيا موجب، گجرات رياست جي احمد آباد ايئرپورٽ ويجهو هڪ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ۾ 242 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ 232 مسافر ۽ 12 عملو ميمبر شامل هئا.
رپورٽ موجب، ايئر انڊيا جو جهاز احمد آباد ايئرپورٽ کان لنڊن وڃي رهيو هو ته اهو ٽيڪ آف دوران ڪري تباهه ٿي ويو، جڏهن ته حادثي واري هنڌ تان دونھون به نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو.
نوٽ: هي ابتدائي خبر آهي، وڌيڪ تفصيل شامل ڪيا پيا وڃن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language