welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بجيٽ 2025-26: پگهاردار طبقي لاءِ آمدني ٽيڪس جي شرح ڇا هوندي؟

اسلام آباد:(اڱارو 10 جون 2025ع)وفاقي حڪومت پاران ڪيل پينشن سڌارا 2025-26 جي بجيٽ ۾ ظاهر ڪيا ويا. وفاقي ناڻي واري وزير پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي پينشن اسڪيم ۾ تبديليون ڪيون ويون، جنهن جي ڪري سرڪاري خزاني تي بار وڌيو، حڪومت پينشن اسڪيم کي درست ڪرڻ ۽ سرڪاري خزاني تي بار گهٽائڻ لاءِ پينشن اسڪيم ۾ سڌارا آندا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پينشن اسڪيم ۾ ڪيل سڌارن ۾ جلد رٽائرمينٽ جي حوصلا شڪني ڪرڻ ۽ پينشن ۾ واڌ کي ڪنزيومر پرائس انڊيڪس سان ڳنڍڻ شامل آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مڙس جي وفات کان پوءِ فيملي پينشن جي مدت 10 سالن تائين محدود ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هڪ کان وڌيڪ پينشن ختم ڪئي وئي آهي. رٽائرمينٽ کان پوءِ ٻيهر ملازمت جي صورت ۾، ڪنهن کي پينشن يا پگهار مان چونڊڻو پوندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے