welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خيبر پختونخواهه ۾ مون سون جي برساتن سبب 11 ماڻهو فوت، درجنين گهرن کي نقصان پهتو

اسلام آباد:(ڇنڇر 28 جون 2025ع)پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه ۾ مون سون جي برساتن سبب جاني ۽ مالي نقصان بابت ابتدائي رپورٽ جاري ڪئي آهي. رپورٽ موجب ٻوڏ سبب 11 ماڻهو فوت ۽ 6 زخمي ٿيا آهن. فوت ٿيندڙن ۾ 4 مرد، 3 عورتون ۽ 4 ٻار شامل آهن، جڏهن ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان سوات ۾ ٿيو. پي ڊي ايم اي موجب، صوبي جي متاثر علائقن ۾ ڪل 56 گهر تباهه ٿيا، جن مان 50 گهر جزوي طور تي تباهه ٿيا ۽ 6 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. پي ڊي ايم اي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران، سوات درياءَ ۾ خوازه خيلا ۾ ٻوڏ جون حالتون محسوس ڪيون ويون. ٻوڏ جي خطرن کي نظر ۾ رکندي، پي ڊي ايم اي نوشهره ۽ چارسده جي ضلعي انتظاميا کي به الرٽ جاري ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ضلعي انتظاميا ممڪن هنگامي صورتحال يا ٻوڏ کان اڳ احتياطي اپاءَ وٺن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے