ٺٽو:(اڱارو 06 مئي 2025ع)گجي شهر ۾ تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ماءُ ، پٽ فوت، گجي شهر ۾ واقع ٺٽو ڪراچي قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر جي موٽر سائيڪل سان ٿيل زور دار ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ علي محمد ڪاتيار واسي سنيل پٽ روشن ڪاتيار ۽ ان جي امڙ مِنا زال روشن ڪاتيار موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، حادثي بعد مڇريل ماڻهن پاران ٽرالر جاشيشا ٽوڙي باهه جي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر موقعي تي گجو پوليس پهچي حالتن تي ضابطو آڻي ٽرالر ڊرائيور کي پنهنجي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، فوتي ماءُ پٽ جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ماءُ ۽ پٽ جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿي ويل سنيل ڪاتيار جي 2 مهينا اڳ شادي ٿي هئي ۽ هو ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو هيو، جيڪو پنهنجي ماءُ جو اسپتال مان علاج ڪرائي واپس موٽر سائيڪل تي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته گجي ۾ ويجهو حادثو پيش آيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language