welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايلون مسڪ جو خواب هڪ ڀيرو ٻيهر ٽٽي پيو، اسٽار شپ راڪيٽ جي نائين آزمائشي پرواز به ناڪام ٿي وئي

ڪيليفورينيا:(اربع 28 مئي 2025ع)ايلون مسڪ جي اسپيس ايڪس ڪمپني جي اسٽار شپ راڪيٽ جي نائين آزمائشي پرواز پڻ ناڪام ٿي وئي. ايلون مسڪ جي اسپيس ايڪس ڪمپني جي اسٽار شپ راڪيٽ جي نائين آزمائشي پرواز ڪئي وئي، پر بدقسمتي سان هن ڀيري راڪيٽ پنهنجي هدف تائين نه پهچي سگهيو. اسٽار شپ راڪيٽ پرواز کان 30 منٽ پوءِ خلا ۾ ڪنٽرول وڃائي ڇڏيو ۽ مقرر وقت کان اڳ فضا ۾ داخل ٿيو، جنهن کان پوءِ راڪيٽ هندي سمنڊ ۾ ڦاٽي پيو. ان حوالي سان آمريڪي ايوي ايشن جو چوڻ آهي ته هو اسٽار شپ 9 هين مشن ۾ بي ضابطگين کان واقف آهي، ۽ في الحال ان سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايلون مسڪ مريخ تي انسانن کي آباد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ سالن کان ان بابت ڳالهائي رهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے