welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد: ٻٻر لوءِ ڌرڻي کانپوءِ سياسي سماجي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف وڪيلن گڏيل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي

حیدرآباد:(اربع 07 مئي 2025ع)ٻٻرلو ڌرڻي کانپوءِ سياسي سماجي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيڻ ۽ گرفتارين جو نوٽيس وٺندي سنڌ ھائي ڪوٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن گڏيل ڪاميٽي جوڙيندي متاثرن جي قانوني مدد جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. حيدرآباد سنڌ لائيرس ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ھائي ڪورٽ حيدرآباد جي آڏيوٽريم ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ ھائي ڪوٽ بار جي صدر وڪيل عشرت لوھار، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر اشر مجيد کھولھر، وڪيل ياز حسين تنيو، سنڌ ھائج ڪورٽ جي جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان انڊيا جي جاريت جي مذمت ڪيون ٿا، لائيرس ايڪشن ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ کي مقرر ڪيو ويو، قاظم مھيسر کي ترجمان مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته سنڌ لائيرس ايڪشن ڪميٽي جو چيئرمين مقرر نه ڪيو ويو آھي. وڪيل اشر مجيد کھوکھر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جو اشو آھي گورنمينٽ اسان سان پرومس ڪيو ته ڌرڻي ۾ ويٺلن تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي، اسين گرفتارين جي مظمت ڪيون ٿا ، 10 تاريخ تي گورنميٽ ڊٽيل ڏيندي، 13 تاريخ تي گورنمينٽ سان ميٽنگ ٿيندي. قاظم مھيسر ڳالھائيندي چيو ته اسان سڀني کي اون ٿا ڪريون ته ڪاروائيون روڪيون وڃن، نه ته ٻي صورت ۾ سخت ترين عمل ھوندو اسان جو ڪارپوريٽ فارمنگ مين اشو آھي اسان جو ھڪ، اسان ھتي اي ٽي سي جا ڪيل داخل ٿيا آھن ملير ۾ انھن جي بيل ڪرائي آھي ۽ ھڪ واقعو ماتلي جو ھو آن جي به بيل ڪرائي آھي، انتقامي ڪاروائيون سنڌ جي عام ماڻھن تي آھي ۽ ٻٻر لوءِ ڌرڻي ۾ عام ماڻھن جي ڪاميابي آھي صرف وڪيلن جي نه آھي، اسرار اشرف چانڊيو جي اسان بيل فائل ڪئي آھي سڀاڻي بيل ٿيندي، سنڌ لائيرس ايڪشن ڪميٽي ۾ ڪوبه چيئرمين نه آھي چونڊيو پر ڪو چيئرمين چونڊيوسين ته اعلان ڪيو ويندو، ڌرڻي کان علاوه ٻيا به حل آھن اسان ٻي ڪانفرنس ۾ واضح ڪنداسين.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے