welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ صوبائي حڪومت ۽ پوليس جي پهرين ترجيح آهي: غلام نبي ميمڻ

ڪراچي:(خميس 29 مئي 2025ع)آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ پوليس کي جديد هٿيارن سان ليس ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت 4.3 بلين ڏنا آهن. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس جي سگهه وڌائڻ لاءِ جديد هٿيارن جي فراهمي انتهائي ضروري آهي، ڇو ته جڏهن پوليس ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪندي آهي ته ان جي ردعمل ۾ روڊن تي اچي ڦرلٽ ڪئي ويندي آهي ۽ ويڊيوز وائرل ڪيون وينديون آهن، پر سنڌ پوليس امن امان جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي. غلام نبي ميمڻ موجب، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد جي ڏوهاري علائقن ۾ پوليس ڪاررواين دوران 88 ڌاڙيل ماريا ويا آهن، جڏهن ته 160 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، مجموعي طور تي هن وقت تائين پوليس 450 کان وڌيڪ ڌاڙيل گرفتار ڪري چڪي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے