
اسلام آباد:(خميس 29 مئي 2025ع)پاڪستان پاران بٽ ڪوائن اسٽريٽجڪ ريزرو قائم ڪرڻ جي اعلان تي ڀارت ۾ سياسي ۽ معاشي حلقن ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي تجزيي نگارن مودي سرڪار کي مشورو ڏنو آهي ته هو ڪرپٽو ڪرنسي جي دنيا ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي ويجهي ٿيندڙ سهڪار تي نظر رکي.
هڪ ڀارتي تجزيي نگار لکيو ته پاڪستان ڪرپٽو ڪرنسي جي ذريعي آمريڪا سان پنهنجا لاڳاپا ٻيهر مضبوط ڪري رهيو آهي.
تازو ئي پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپيل ادارن، جن ۾ اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان منسوب ورلڊ لبرٽي فنانشل ڪارپوريشن به شامل آهي، مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن تحت پاڪستان کي ڪرپٽو ڪرنسي جو مرڪز بڻائڻ جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي چيئرمين بلال بن ثاقب چيو آهي ته پاڪستان پنهنجو پراڻو موقف تبديل ڪندي ڪرپٽو کي قانوني طور تسليم نه ڪرڻ واري پاليسي تان پوئتي هٽي ويو آهي، ۽ هاڻ آمريڪا جي رستي تي هلندي سرڪاري سطح تي بٽ ڪوائن اسٽريٽجڪ ريزرو قائم ڪيو پيو وڃي.
لاس ويگاس ۾ ڪوٺايل بٽ ڪوائن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلال بن ثاقب چيو ته پاڪستان طرفان بٽ ڪوائن مائننگ ۽ اعليٰ ڪارڪردگي وارن ڪمپيوٽنگ ڊيٽا سينٽرز لاءِ 2000 ميگاواٽ واڌو توانائي مختص ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي
0 تبصرے
Do not use vulgar language