welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

يحييٰ سنوار جو ڀاءُ، القسام ڪمانڊر محمد سنوار، پڻ پنهنجن ساٿين سان گڏ سرنگ ۾ شهيد ٿي ويو

رياض:(آچر 18 مئي 2025ع)اسرائيلي فوج هڪ خطرناڪ ڪارروائي ۾ القسام برگيڊ جي ڪمانڊر ۽ يحيٰ السنوار جي ڀاءُ محمد السنوار کي سندس ساٿين سميت شهيد ڪري ڇڏيو. العربيه جي مطابق، العربيه ۽ الحدث آچر تي رپورٽ ڪئي ته حماس جي فوجي ونگ القسام برگيڊ جو ڪمانڊر محمد السنور خان يونس ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. محمد سنوار جو لاش ڏکڻ غزه شهر خان يونس ۾ هڪ سرنگ مان مليو، جتي سندس ڏهه ساٿين جا لاش پڻ مليا. محمد سنوار کي تازو ڏينهن ۾ خان يونس جي اوڀر ۾ يورپي اسپتال جي ويجهو هڪ سخت اسرائيلي هوائي حملي ۾ نشانو بڻايو ويو. ساڳئي حملي ۾ رفاح برگيڊ ڪمانڊر محمد شبانه به مارجي ويو. سعودي الحدث چينل جي هڪ رپورٽ موجب، محمد سنوار جو لاش خان يونس ۾ حماس جي سرنگ ڪمپليڪس جي کنڊرن مان مليو، اسرائيلي فوج جي بمباري کان 5 ڏينهن پوءِ. ان کان اڳ، اسرائيل دعويٰ ڪئي هئي ته محمد سنوار کي هڪ خفيه پناهه گاهه ۾ نشانو بڻايو ويو، جيڪو يورپي اسپتال جي هيٺان واقع هو. اسرائيلي براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن اربع تي هڪ وڊيو پڻ جاري ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حملو ان وقت ڪيو ويو جڏهن محمد سنوار ڄاڻايل هنڌ تي موجود هو. العربيه ۽ الحدث جي ذريعن محمد سنوار جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي. آڪٽوبر 2024 ۾ اسرائيل پاران سندس ڀاءُ يحيٰ السنوار جي شهادت کان پوءِ کيس القسام برگيڊ جي قيادت ڏني وئي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اهي ٻئي چينل ڪنهن به آزاد ذريعن کان رپورٽ ڪو نه ڪندا آھن بلڪه اسرائيلي ميڊيا کان متاثر آھن ۽ انھن جي جيئن جو تيئن رپورٽ ڏيندا آھن .

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے