اسلام آباد:(جمعو 16 مئي 2025ع)حڪومت ايندڙ 16 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
حڪومت پيٽرول جون قيمتون برقرار رکيون آهن جڏهن ته ڊيزل ۽ مٽي جو تيل سستو ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزارت موجب، پيٽرول جي قيمت 252.63 رپيا في ليٽر تي برقرار آهي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت، 2 رپيا في ليٽر سستي ٿيڻ کان پوءِ، 254.64 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ان کان علاوه، مٽيءَ جي تيل ۾ 5.4 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ مٽيءَ جي تيل جي نئين قيمت 164.65 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ به 4.68 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ لائيٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 150.65 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language