welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گهرو وزير خلاف ٿو ڳالهائين! ايس ايس پي مٽياري نيو سعيدآباد ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو

نيو سعيد آباد:(اڱارو 06 مئي 2025ع)گهرو وزير خلاف ٿو ڳالهائين، ايس ايس پي مٽياري نيو سعيدآباد ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او امداد علي زرداري کي معطل ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي مٽياري نيو سعيدآباد ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او انسپيڪٽر امداد علي زرداري کي سنگين بدانتظامي جي الزامن تي فوري طور تي معطل ڪندي کيس پوليس لائين مٽياري ۾ رپورٽ ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تفصيلي الزام بعد ۾ لڳايا ويندا. معطلي دوران، هو ضابطن جي تحت قابل قبول پگهار ۽ ٻيا الائونس حاصل ڪندو. هو پوليس هيڊ ڪوارٽر مٽياري ۾ موجود رهندو ۽ باقاعدگي سان سڀني رول ڪالز ۾ شرڪت ڪندو ۽ مجاز اختيارين جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ هيڊ ڪوارٽر نه ڇڏيندو. هو پنهنجي بيلٽ ڪپڙن جي دڪان پي ايل مٽياري ۾ جمع ڪرائيندو. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ معطل ٿيل انسپيڪٽر امدادعلي زرداري گهرو وزير تي ڪرپشن ڪرڻ جا الزام هنيا هئا، آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي مخاطب ٿيندي چيو پيپلزپارٽي ختم ٿي وئي آهي، زردارين جا ڪم نه ٿي رهيا آهن ۽ گهرو وزير ڪرپشن ڪري رهيو آهي اهڙو وڊيو بيان امداد زرداري جو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو هو جنهن بعد کيس ايس ايس پي مٽياري معطل ڪري ڇڏيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے