مورو:(خميس 22 مئي 2025ع)صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي گهر تي حملي ۽ باهه ڏيڻ جي واقعن تي موري ۾ ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ سياسي اڳواڻن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي.
سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ 29 سڃاتل ۽ 45 اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي، سندس ڀاءُ مسرور احمد جتوئي، باز محمد سيال، اعجاز لغاري، غازي لغاري سميت ٻين کي چرچ ڏيندڙ جوابدار طور شامل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب، لنجار هائوس تي هٿياربندن لٺين، ڏنڊن، سروٽن، پٿرن ۽ مختلف آٽوميٽڪ هٿيارن سان حملو ڪيو، جوابدار چوندا رهيا ته کين غلام مرتضيٰ جتوئي، مسرور جتوئي، باز محمد سيال، غازي لغاري، بهاول لغاري سنڌ سڀا ۽ پابندي مڙهيل تنظيم جي چيئرمين جو حڪم آهي ته لنجار هائوس کي ساڙيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language