نئین دھلي:(سومر 19 مئي 2025ع)اشوڪا يونيورسٽي جي پروفيسر علي خان کي ڀارت ۾ حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) تي تنقيد ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اشوڪا يونيورسٽي جي پروفيسر علي خان سوشل ميڊيا تي بي جي پي تي تنقيد ڪئي ۽ اپيل ڪئي ته انهن ماڻهن جي حق ۾ آواز اٿارڻ گهرجي جيڪي غصي ۾ ورتل هجوم جو نشانو بڻيا ۽ جن کي بي جي پي جي نفرت انگيز مهم جو سامنا ڪيو ويو.
پروفيسر علي خان کي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪرڻ تي نفرت پکيڙڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف، مخالف ڌر جي پارٽين پروفيسر علي خان جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي ۽ سندس فوري طور تي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language