:(جمعو 30 مئي 2025ع)پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي ٽيرف تي باضابطه ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.
ناڻي واري وزارت موجب، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ آمريڪي واپاري نمائندي جيميسن گريئر جي وچ ۾ رابطو ٿيو.
ناڻي واري وزارت چيو ته ناڻي واري وزير ۽ آمريڪي واپاري نمائندي جي وچ ۾ رابطو وڊيو ڪانفرنس ذريعي ٿيو جنهن ۾ ڌرين هڪ تعميري ماحول ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
ناڻي واري وزارت چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ تفصيلي ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون ڪرڻ تي متفق ٿيا ۽ ٻنهي ملڪن جلد کان جلد ڳالهين کي ڪاميابي سان ختم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language