welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪرپشن جي الزامن: گنڊاپور ڪي پي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ کي هڪ ارب رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو

پشاور:(آچر 25 مئي 2025ع)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي شهرت کي نقصان پهچائڻ جي الزام ۾ ڪي پي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ کي هڪ ارب رپين جي هرجاڻي جو قانوني نوٽيس موڪليو ويو. خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ، عبادالله، هڪ بيان ڏنو هو ته وڏو وزير علي امين گنڊاپور ڪوهستان ڪرپشن اسڪينڊل ۾ مرڪزي شخصيت هو. واضح رهي ته هن سال اپريل ۾ خبرون سامهون آيون هيون ته خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري بينڪ اڪائونٽس مان 40 ارب رپين کان وڌيڪ جي غبن ۽ مالي بدعنواني جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ غبن جي رقم ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. هن اسڪينڊل کي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي مالي اسڪينڊل قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 50 بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا ۽ جاچ جو دائرو وڌايو ويو. شروعاتي جاچ ۾ اهو به ظاهر ٿيو ته ضلعي جي سرڪاري اڪائونٽن مان لڳ ڀڳ 1,000 جعلي چيڪ جاري ڪيا ويا، جڏهن ته هاڻي تائين 50 شڪي اڪائونٽ هولڊرز جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. ثبوتن ۾ بااثر سياسي ۽ اعليٰ عهديدار سرڪاري شخصيتن جي ملوث هجڻ جا واضح نشان ظاهر ٿيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے