welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت: پاڪستاني عورت سان شادي لڪائڻ تي اسپيشل پوليس فورس جي آفيسر کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو

سرينگر:(آچر 04 مئي 2025ع)هندستان ۾ هڪ اسپيشل پوليس فورس آفيسر کي هڪ پاڪستاني عورت سان پنهنجي شادي لڪائڻ جي ڪري نوڪري مان ڪڍيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب، والاريل ڪشمير ۾ مقرر هڪ اسپيشل پوليس فورس آفيسر کي پاڪستاني عورت سان شادي لڪائڻ تي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو. رپورٽ موجب، سي آر پي ايف اهلڪارن کي هڪ ڏينهن اڳ ڄمون ۽ ڪشمير کان ڀوپال منتقل ڪيو ويو هو. ٻئي طرف، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس آفيسر منير جي زال منال خان کي به ڀارت ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، پر پوءِ ڀارتي عدالت کيس وڌيڪ 10 ڏينهن لاءِ ڀارت ۾ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے