welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

روس ڀارت تي زور ڏنو آهي ته پاڪستان سان تڪرار ٻطرفي ڳالهين ذريعي حل ڪري

ماسڪو:(آچر 04 مئي 2025ع)روس جو چوڻ آهي ته هندستان کي پاڪستان سان تڪرار ٻه طرفي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف پنهنجي هندستاني هم منصب جئي شنڪر سان رابطو ڪيو ۽ شملا معاهدي ۽ لاهور معاهدي جي تناظر ۾ سفارتي ڳالهين جي تجويز ڏني. روس مودي سرڪار تي زور ڏنو ته هو ڀارت ۽ پاڪستان سان تڪرار کي ٻطرفي ڳالهين ذريعي حل ڪري. هندستان-پاڪستان تڪرار ياد رهي ته 22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي پهلگام ۾ هڪ سياحتي هنڌ تي فائرنگ جي واقعي ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ درجن جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا هئا، جنهن کان پوءِ ڀارت بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳائڻ شروع ڪيو ۽ هڪ طرفي طور تي سنڌو پاڻي معاهدو معطل ڪيو. جڏهن ته، پاڪستان نه رڳو پهلگام واقعي جي مذمت ڪئي، پر وزيراعظم شهباز شريف اهو به آڇ ڪئي ته جيڪڏهن هندستان معاملي جي غير جانبدار جاچ ڪرڻ چاهي ٿو ته پاڪستان هر قسم جي تعاون لاءِ تيار آهي. ڀارت به پاڪستان خلاف ڪارروائي جا جرئتمندانه دعوائون ڪري رهيو آهي، پر پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به اشتعال انگيز ڪارروائي جو جواب اهڙو ڏنو ويندو جيڪو ڀارت هميشه ياد رکندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے