
تل ابیب:(خميس 29 مئي 2025ع)غزه ۾ جنگ بندي لاءِ هڪ نئون آمريڪي تجويز سامهون آيو آهي، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو نئين آمريڪي تجويز تي راضي ٿي ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو قيدين جي خاندانن کي ٻڌايو ته اسرائيل جنگ بندي جي نئين تجويز کي قبول ڪري ورتو آهي، نيتن ياهو نئين جنگ بندي جي تجويز سان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهي.
جنگ بندي تي حماس جي راءِ جي حوالي سان، عرب ميڊيا چيو ته حماس نئين آمريڪي تجويز جو مطالعو ڪري رهي آهي، حماس جو چوڻ آهي ته جنگ بندي جي تجويز جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ، اهي اهڙو فيصلو ڪندا جيڪو فلسطينين جي مفاد ۾ هجي.
ان حوالي سان، آمريڪي سفير اسٽيووتڪوف چيو ته هو غزه ۾ ممڪن جنگ بندي بابت پراميد آهي، جڏهن ته الجزيره ٽي وي جو چوڻ آهي ته نئين آمريڪي تجويز ۾ 60 ڏينهن جي جنگ بندي شامل آهي.
نئين تجويز موجب، 10 زنده اسرائيلي شهري آزاد ڪيا ويندا ۽ 18 لاش واپس ڪيا ويندا، اسرائيل جنگ بندي معاهدي تحت 1,100 کان وڌيڪ فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو.
اسرائيل غزه ۾ فوجين جو تعداد گهٽائيندو ۽ انساني امداد جي فراهمي وڌائيندو. تجويز موجب، اسرائيل غزه جي حڪومت جي ذميواري هڪ آزاد فلسطيني ڪميٽي کي منتقل ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language