
تل ابیب:(اربع 21 مئي 2025ع)اسرائيل پاران غزه ڏانهن انساني امداد جي جاري بندش جي ڪري اسرائيل هاڻي ڪيترن ئي ملڪن جي پابندين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب برطانيه اسرائيل سان آزاد واپاري معاهدي تي ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته يورپي يونين به اسرائيل سان پنهنجي آزاد واپاري معاهدي جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي 11 هفتن جي امدادي بندش کي ظالمانه قرار ڏنو آهي ۽ ان کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته اسرائيل ۽ فلسطين لاءِ ٻه رياستي حل جي حمايت جو به ورجاءُ ڪيو آهي.
ٻئي طرف، ڪينيڊا ۽ فرانس پڻ اسرائيل کي پابندين جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن. برطانيه فلسطينين خلاف تشدد ۾ ملوث ست اسرائيلي آبادگارن ۽ تنظيمن تي پابنديون پڻ لاڳو ڪيون آهن ۽ اسرائيلي سفير کي طلب ڪيو آهي.
ان دوران، گڏيل قومن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن امداد نه پهتي ته 14,000 فلسطيني ٻار فوت ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته اقوام متحده جا سوين امدادي ٽرڪ غزه جي سرحد ۾ داخل ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن.
وڌيڪ، اسرائيلي فوج غزه تي بمباري جاري رکي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 80 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
ياد رهي ته گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته غزه جي قبضي هيٺ فلسطيني علائقي ۾ غذائي کوٽ تيز ٿي وئي آهي ۽ جيڪڏهن ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ امداد نه پهتي ته 14 هزار ٻار فوت ٿي سگهن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language