welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب 24 ماڻهو فوت ٿي ويا

ٽيڪساس:(ڇنڇر 05 جولاءِ 2025ع)آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ طوفانن دوران مختلف حادثن ۾ 24 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو گم آهن. ٽيڪساس ۾ بچاءُ جون ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ 100 سپاهي پڻ ڳولا ۽ بچاءُ جي ڪاررواين ۾ حصو وٺندا. رپورٽن موجب، سين اينجلو ٽيڪساس جو سڀ کان وڌيڪ متاثر شهر آهي. آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڪلاڪن اندر ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪيترن ئي مهينن جي برسات پئي آهي، جنهن جي ڪري ٻوڏ آئي آهي، گهٽين ۽ روڊن تي ڪيترائي فوٽ پاڻي جمع ٿي ويو آهي، ڪجهه علائقن ۾ 6 کان 8 انچ ۽ ڪجهه ۾ 10 انچ تائين مينهن رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے